ريڊيو ٽيلي اسڪوپ

ريڊيو ٽيلي اسڪوپ

ريڊيو ٽيلي اسڪوپ

ريڊيو ٽيلي اسڪوپ (Radio Telescope): ريڊيو ٽيلي اسڪوپ کي ريڊيائي دوربين سڏجي ٿو. هي ريڊيو اينٽينا ۽ رسيور جو هڪ سلسلو آهي، جنهن رستي آسماني جسمن مان خارج ٿيندڙ ريڊيائي لهرون حاصل ٿين ٿيون. هن کي ريڊيو ۽ راڊار فلڪيات جي مشاهدن لاءِ ڪم آندو ويندو آهي.
ريڊيو ٽيلي اسڪوپ جو استعمال بصري (Optical) دوربينن وانگر ٿئي ٿو، جنهن رستي، ڏسڻ ۾ ايندڙ روشنيءَ جو اڀياس ڪيو وڃي ٿو، جيئن ته عام روشني جي ڀيٽ ۾ ريڊيائي لهرون وڏيون ڊگهيون ٿين ٿيون، ان ڪري ريڊيائي دوربينيون به وڌيڪ وڏيون ٿين ٿيون ته جيئن انهن مان بصري دوربين جهڙا چٽا ۽ واضح نتيجا حاصل ڪري سگهجن.
پـهرين ريڊيائي دوربين، 1937ع ۾ آمريـڪا جـي هڪ شخص گــروٽ ريــبـر (Grote Reber) تيار ڪئي، جيڪا ڦرندڙ ۽ پيالي نما/ مخروطي هئي ۽ ان ۾ پيالي جهڙو ڊولو رفليڪٽر لڳل هو، جنهن کي ’ڊش‘ سڏيو ويو. ان جو ڪم ريڊيائي لهرن کي هڪ ننڍي پڪ اپ اينٽينا ۾ مرڪوز ڪرڻ آهي، ان کي ’فيڊ‘ (Feed) به سڏجي ٿو.
جيتوڻيڪ هنن دوربينن جا ڪيترائي قسم ٿين ٿا، پر اهي سڀئي ٻن بنيادي جزن تي مشتمل آهن. هڪ وڏي ريڊيو اينٽينا يا ريڊيو اينٽينائن جو سلسلو ۽ ٻيو ريڊيو ميٽر يا ريڊيو رسيور. ريڊيائي دوربينن جون اينٽينائون عام طور تمام وڏيون ٺاهيون وينديون آهن ۽ انهن جا رسيور نهايت حساس ٿيندا آهن. پهرين وڏي ۽ چڱي موچاري زاويي تي گهمندڙ مخروطي اينٽينا، انگلنڊ جي علائقي جو ڊرل بئنڪ (Jodrell Bank) ۾ 1957ع ۾ لڳائي وئي.
دنيا جي سڀ کان وڏي ريڊيو دوربين آمريڪا جي هڪ اداري ’نيشنل ريڊيو آسٽرونامي آبزرويٽري‘ (National Radio Astronomy Observatory) ۾ لڳل آهي. ان ۾ 350 ميٽر گهير وارو ’مڙيل ڌاتوئي رفليڪٽر‘ (Spherical Metallic Reflector) لڳايو ويو آهي.
دنيا جي سڀ کان سگهاري ريڊيو دوربين نيوميڪسيڪو ۾ ويري لارج اري (Very Large Array) جي نالي سان نصب آهي. هيءَ 27 ڌار ڌار پيرا بولائي اينٽينائن تي مشتمل آهي، جيڪي سڀئي ملي 35 ڪلوميٽر قطر جي هڪ دوربين برابر تحليلي سگهه مهيا ڪن ٿيون.
ٻاهرين خلا مان حاصل ٿيندڙ ريڊيائي سگنل گهڻو ڪمزور ٿين ٿا ۽ انهن جي اڀياس لاءِ توانائيءَ جي هڪ ڪارائتي مقدار حاصل ڪرڻ ۾ گهڻو وقت صرف ڪرڻو پوي ٿو. ان ڪري ريڊيائي دوربينون مٿانهن هنڌن تي اهڙيءَ طرح سان هنيون وڃن ٿيون ته جيئن اهي ڪنهن به آسماني جسم جي جاءِ بدلائڻ جي صورت ۾ پيڇو ڪنديون رهن، ڇو ته ڌرتيءَ جي گردش سبب اهڙي جسمن جي به حالت بدلبي رهندي آهي.




لفظ ريڊيو ٽيلي اسڪوپھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو